ٺاروشاهه ۾ فنڪارن لاڪ ڊائون سبب بيروزگاري سبب احتجاج ڪيو
بک ۽ بدحالي سبب پريشان آهيون پروگرام کوليا وڃن راڳي لياقت سولنگي
ٺاروشاھ ۾ ڪرونا سبب شادين تي پابندي سبب فنڪار،گلوڪار، ڍولڪ نواز ۽ سنگ وڄائيندڙ سخت متاثر، فاڪاڪشي جو شڪار، روڊن تي ڳائي وڄائي پني انوکو احتجاج، فوري طور تي محفلن تان پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب ٺاروشاھ ۾ ڪرونا سبب شادين ۽ محفلن تي پابندي هجڻ سبب فنڪار، گلوڪار، ڍولڪ نواز،سنگ وڄائيندڙن سميت ٻيا سخت متاثر ٿي ويا جڏهن ته متاثر فنڪارن فنڪار لياقت سولنگي، باسط ٻٻر ۽ سندس ساٿي ڊولڪ نواز ببلو عباسي پرويز منڱڙھار ۽ ٻيا لاڪ ڊائون مان بيزار ٿي ساز سامان کڻي روڊن تي نڪري ڳائي وڄائي پني انوکو احتجاج ڪندي پريس ڪلب پهچي جٿي احتجاج ڪرڻ بعد راڳي لياقت سولنگي باسط ٻٻر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءِ لاءِ لڳل لاڪ ڊائون جي ڪري سخت متاثر ٿيا آهيون هنن چيو ته اسان جو گذر صفر عوامي محفلن شادين ڪاڄن ميلن ملاکڙن جي تقريبن تي آھي جڏھن کان لاڪ ڊائون سبب اسان جو روزگار بند ٿيڻ تي گهرن ۾ فاڪا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون هنن چيو ته عيد ويجهو هجڻ باوجود ٻچن لاءِ ڪپڙا نه ڪو سامان وٺي سگهيا آھيون هنن چيو ته اسان فنڪارن جي حڪومت سنڌ مقامي چونڊيل نمائنده توڙي ڊي سي نوشهروفيروزسميت ٽائون جي چئرمين ڪنهن به ڪا به سار نه لڌي آهي بکن ڪاٽڻ سبب روڊن تي ڳائي خيرات وٺڻ تي مجبور بڻجي ويا آھيون هنن چيو ته لاڪ ڊائون ۾ ڪافي شوبن جي روزي روٽي جا ذريعا کوليا ويا آهن واحد اسان فنڪارن ڊيڪوريشن ايڪوسائونڊ وارن تي پابندي برقرار سمجھ کان ٻاهر آهي هنن سنڌ حڪومت ۽ سرنديء وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي محفلن موسيقي تان پابندي ختم ڪري اسان غريب فنڪارن ۾ فهليل بيچني ختم ڪري پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا.
No comments:
Post a Comment