ڪراچي (ڊيسڪ ) ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي ترجمان جي گستاخانا
بيان تي ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي
مشهور ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه جو چوڻ آهي ته ڀارتي وزير اعظم مودي اڳتي وڌي ۽ ان
زهر کي روڪي ،
ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي نصير الدين شاهه جو چوڻ هو ته
نفرت فهلائڻ وارن کي پاڻ وزيراعظم ٽوئيٽر تي فالو ڪري ٿو ، انهيءَ تي ان کي ڪجهه
ڪرڻو پوندو ، زهر کي روڪڻ لاءِ وزير اعظم نريندر مودي کي ڪجهه ڪرڻو پوندو
نصيرالدين شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي اپيل آهي ته انهن ماڻهن کي عل ڏئي ، ۽ انهي انتها پسندي کي روڪي .
No comments:
Post a Comment