ٺري ميرواهه (رپورٽر ) ٺري ميرواهه جي يوسي غلام حيدر گودڙيا تي مڪاني چونڊن ۾ يوسي چيئرمين لاءِ نامزد جي ڊي اي اڳواڻ فقير سڪندر علي شر ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر حاجي بخت علي شر مختلف ڳوٺن ڳوٺ زنوار حسين شر ، سڪندرآباد ، مينگهو فقير شر سميت ٻين ڳوٺن جا دورا ڪيا ۽ مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڪيون ،
ان موقعي تي فقير سڪندر علي شر ، حاجي بخت شر سميت سموري پينل جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو
جي ڊي اي اڳواڻ فقيرسڪندر علي شر جو چوڻ هو ته هنن هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ، جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان هو عوام جي خدمت ڪندا رهندا .
فقير سڪندر علي شر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ جي ڊي اي سڄي سنڌ ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي
جڏهن ته فقير مهتاب علي شر ، فقير منصور شر ، آفتاب شر ، عمير سڪندر ، ضامن فقير ، عمار حيدر ، ڪونڌر مهتاب ، فرقان حيدر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا