سلام آباد (رپورٽر ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن عالمي سطح تي اگهه گهٽ نه ٿيا ته اسان کي به پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻا پوندو
هن چيو ته هن وقت پيٽرول تي 9 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 28 رپيا في ليٽر سبسڊي آهي، اها سبسڊي نه پر قرض وڌي رهيو آهي.
شاهد خاقان عباسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بجيٽ ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهيو عوام کي رليف ڏينداسين
No comments:
Post a Comment