Friday, July 17, 2020

ٺاروشاهه ايس ڊي او ڀريا دالي مائينر جا واٽر ڪورس ڀڃرائي ڇڏيا





  ٺاروشاهه ڀرسان دالي مائينر جي مختلف تان واٽر ڪورس ٽٽل هئڻ ڪري پاڻي پڇڙي تائين نه پهچي سگهيو آهي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ملڻ ڪري سندن فصل سڪي سڙي تباهه ٿيڻ لڳا آهن ايس ڊي او آبپاشي ڀريا محمد سليمان ميمڻ ، سروير خليل وسطڙو ۽ داروگي بلاول لاکو پاران مبينا وڏن زميندارن کان رشوت عيوض هٿ سان واٽر ڪورس ڀڃرائي پاڻي زميندارن کي ڏيڻ ڪري پڇڙي جي واٽرن تائين پاڻي نه پهچي سگهيو آهي جنهنڪري آبادگار سخت پريشان آهن ان سلسلي ۾آبادگارن رضا محمد بيهڻ ، عابد سولنگي ، مير محمد چانڊيو ، سالار سولنگي ، ايوب سولنگي ڪاشف سيال ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ايس ڊي او آبپاشي ڀريا محمد سليمان ميمڻ ، سروير خليل وسطڙو ۽ داروگي بلاول لاکو پاران تر جي وڏن زميندارن کان رشوت وٺي دالي مائينر جا واٽر ڪورس ڀڃرائي پڇڙي جي آبادگارن سان وڏو ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته واٽر ڪورس ڀڳل هئڻ ۽ پاڻي چورائڻ ڪري پڇڙي تائين پاڻي نه پيو پهچي سگهي جنهنڪري اسانجا فصل سڪي تباهه ٿيڻ لڳا آهن جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون هنن چيو ته اسان اهڙيون شڪايتون آبپاشي علمدارن ۽ ٻين وس وارن کي ڪيون آهن پر ڪوبه نوٽيس نه وٺي رهيو آهي هنن سيڪريٽري آبپاشي ۽ انجنيئر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچائي پڇڙي جي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا .

No comments:

Post a Comment

Top Stories

جي ڊي اي اڳواڻ فقير سڪندر علي شر جون مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڀرپور موٽ

  ٺري ميرواهه  ( رپورٽر ) ٺري ميرواهه جي يوسي غلام حيدر گودڙيا تي   مڪاني چونڊن ۾ يوسي چيئرمين لاءِ نامزد جي ڊي اي اڳوا...

Local News