ٺاروشاهه کان ڀورٽي ويندڙ لنڪ روڊ تباهه
پندرهن کان مٿي ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ تباهه هجڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشان
ٺاروشاھه ن رهبر نيوز
ٺاروشاھه
کان ڀورٽي ويندڙ لنڪ روڊ مڪمل طور اکڙي تباھه , روڊ هنڌان هنڌان ٽٽل ۽ اکڙيل هئڻ ڪري
سفر ڪرڻ مشڪل بڻيل , ويهن کان مٿي ڳوٺن کي شهر سان ملائيندڙ هي روڊ تباهه هجڻ ڪري ڳوٺاڻا
سخت پريشان , اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائون درپيش ,گذريل ويهن سالن کان روڊ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري
روڊ تباھه ٿي ويو آهي جنهن ڪري روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن : ڳوٺاڻا خبر موجب ٺاروشاھه کان ڀورٽي ويندڙ لنڪ روڊ مڪمل
طور تي اکڙي تباھه ٿي ويو آهي روڊ هنڌان هنڌان ٽٽل ۽ اکڙيل هجڻ ڪري سفر ڪرڻ مشڪل بڻجي
ويو آهي جڏهن ته روڊ جي گذريل ويهن سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي
ويا آهن جنهن ڪري روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون
ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ لکين روپين جون گاڏيون پڻ تباھه ٿي ويون آهن ٺاروشاھه کان ڀورٽي
ويندڙ لنڪ روڊ جنهن ۾ 20 کان مٿي ڳوٺ جن ۾
ڀورٽي شهر ,ڳوٺ جڙيل سولنگي , ڳوٺ بادل سولنگي , ڳوٺ خير محمد سهتو , ڳوٺ نظير احمد سهتو , حاجي
ڳهڻو چانڊيو , ڳوٺ مجيد موريو , ڳوٺ فيض محمد عالماڻي , ڳوٺ شفيع محمد سهتو , ڳوٺ ميوو
خان ٻٻر , ڳوٺ سرائي آدم سيال سميت ٻين ڳوٺن
کي شهر سان ملائيندڙ هي روڊ تباهه هجڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن خان محمد ٻٻر , رحيم سولنگي
, اميد سولنگي , اشفاق سيال , امير ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ٺاروشاھه کان ڀورٽي ويندڙ لنڪ
روڊ مڪمل تباھه ٿي ويو آهي روڊ تباھه هجڻ سبب هن روڊ تان سفر ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي
جڏهن ته روڊ تباھه هئڻ ڪري روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ڪيتريون ئي قيمتي جانيون
هي روڊ ڳڙڪائي چڪو آهي روڊ تباهه هجڻ ڪري سفر ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي شهرين دانهيو ته
هنن ڪيترائي دفعا چونڊيل نمائندن کي هن روڊ جي مرمت لاء چيو آهي پر هو سکڻا دلاسا ڏئي
موٽائي ڇڏين ٿا هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته جلد روڊ منظور ڪرائي سفري سهولتون
فراهم ڪري پريشانين کان بچايو وڃي .
No comments:
Post a Comment