Friday, June 10, 2022

جي ڊي اي اڳواڻ فقير سڪندر علي شر جون مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڀرپور موٽ

 


ٺري ميرواهه (رپورٽر ) ٺري ميرواهه جي يوسي غلام حيدر گودڙيا تي  مڪاني چونڊن ۾ يوسي چيئرمين لاءِ نامزد جي ڊي اي اڳواڻ فقير سڪندر علي شر   ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر حاجي بخت علي شر مختلف ڳوٺن ڳوٺ زنوار حسين شر ، سڪندرآباد ، مينگهو فقير شر سميت ٻين ڳوٺن جا دورا ڪيا  ۽ مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڪيون ،

ان موقعي تي فقير سڪندر علي شر ، حاجي بخت شر سميت سموري پينل جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو

جي ڊي اي اڳواڻ فقيرسڪندر علي شر جو چوڻ هو ته هنن هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ، جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان هو عوام جي خدمت ڪندا رهندا .

فقير سڪندر علي شر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ جي ڊي اي سڄي سنڌ ۾  اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي

جڏهن ته فقير مهتاب علي شر ، فقير منصور شر ، آفتاب شر ، عمير سڪندر ، ضامن فقير ،  عمار حيدر ، ڪونڌر مهتاب ، فرقان حيدر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا



بي جي پي ترجمان جي گستاخانا بيان تي نصير الدين شاهه جو ردعمل

 

ڪراچي (ڊيسڪ ) ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي ترجمان جي گستاخانا بيان تي ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي

مشهور ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه جو  چوڻ آهي ته ڀارتي وزير اعظم مودي اڳتي وڌي ۽ ان زهر کي روڪي ،

ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي نصير الدين شاهه جو چوڻ هو ته نفرت فهلائڻ وارن کي پاڻ وزيراعظم ٽوئيٽر تي فالو ڪري ٿو ، انهيءَ تي ان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو ، زهر کي روڪڻ لاءِ وزير اعظم نريندر مودي کي ڪجهه ڪرڻو پوندو

نصيرالدين شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي اپيل آهي ته انهن ماڻهن کي عل ڏئي ، ۽ انهي انتها پسندي کي روڪي .


پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافي جو اشارو

 سلام آباد (رپورٽر ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو 
  پارليامينٽ هائوس ٻاهران  ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن عالمي سطح تي اگهه گهٽ نه ٿيا ته اسان کي به پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻا پوندو  
هن چيو ته هن وقت پيٽرول تي 9 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 28 رپيا في ليٽر سبسڊي آهي، اها سبسڊي نه پر قرض وڌي رهيو آهي.

شاهد  خاقان  عباسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بجيٽ ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهيو عوام کي  رليف ڏينداسين


Wednesday, June 8, 2022

سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا کي پنهنجي مرضيءَ سان فيصلو ڪرڻ اجازت ڏئي ڇڏي

 ڪراچي (  ڊيسڪ)


سنڌ هاءِ  ڪورٽ دعا زهرا کي پنهنجي مرضيءَ سان فيصلو ڪرڻ اجازت ڏئي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا ڪيس جو تحريري حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو ، فيصلي موجب عدالت دعا کي پنهنجي مرضيءَ  موجب فيصلي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ٽن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حلفي بيان جي روشني ۾ عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته دعا زهرا پنهنجي مرضيءَ سان جنهن سان وڃڻ چاهي يا رهڻ چاهي رهي سگهي ٿي.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ثبوتن جي روشني ۾ اغوا جو ڪيس نٿو ٺهي، ٽرائل ڪورٽ قانون موجب ڪارروائي جاري رکي.

جنهن بعد عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي ضمني چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي دعا زهرا جي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.

Sunday, July 19, 2020

درٻيلو ڀرسان پيار پرڻي تان ڀاءُ هٿان ڀيڻ گوليون هڻي سخت زخمي ، اسپتال منتقل

ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ لعل بخش ڪلو ۾ هڪ سال اڳ پيار پرڻو ڪندڙ ناري عابدا ڪلو کي سندس ڀاءُ گلزار ڪلو پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو جڏهن ته ناري کي زخمي حالت ۾ درٻيلو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سميت عملو غائب هجڻ تي زخمي هڪ ڪلاڪ تائين تڙبندي رهي فرسٽ ايڊ نه ملڻ سبب کيس نوشهروفيروز اسپتال آندو ويو جتي ناري جورت وهڻ سبب سندس اٺ مهينن جو حمل ذايع ٿي ويو جڏهن ته کيس مرڻينگ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي بعد جوابدار گهر کالي ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته زخمي ناري جي مڙس نديم ڪلو وارث احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي سئوٽ عابدا سان هڪ سال اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن تي سندس مائٽ ڪاوڙيل هئا جنهن جو فيصلو ٿيڻ بعد آءُ ڳوٺ آيل هئس فيصلي ۾ پيل 5 لک ڏنڊ جي رقم ڏيڻ باوجود گهرواري جي ڀاءُ گهر تي حملو ڪري پنهنجي ڀيڻ مٿان سڌا فائر زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو مان گهر ۾ موجود نه هجڻ سبب محفوظ رهيس هن چيو ته گهر واري کي زخمي حالت ۾ دربيلو اسپتال آندو جٿي ليڊي ڊاڪٽرياڻي سميت ڪوبه عملو موجود نه هو جنهن سبب کيس فرسٽ ايڊ نه ملي سگهي زخمي حالت ۾ نوشهروفيروز کڻي وياسين جٿي رت وهڻ سبب  سندس حمل ذايع ٿي ويو جنهن جو آپريشن ڪري ٻار ڪڊيو ويو بعد ۾ کيس نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي  هن روئيندي چيو ته ظالمن منهنجو گهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته درٻيلو چوڪي انچارج غلام عباس اڄڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي بعد جوابدار گهر کالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون کين جلد گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس وغير داخل نه ٿي سگهيو آهي


Saturday, July 18, 2020

ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات , موسم خوشگوار

ٺاروشاهه رهبر نيوز


ٺاروشاهه مڃٺ ڀورٽي دليپوٽا درٻيلو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو جاري آهي , برسات کانپوء موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي جڏهن ته گرمي جو زور پڻ ٽٽي ويو آهي برسات بب ڪيترن ئي تيار ٿيل فصل ميندي جوئر سارين جو ٻيجارو سميت ٻن فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو انديشو آهي جنهنڪري آبادگار سخت پريشان آهن 

ٺاروشاهه__ ڀورٽي ويندڙ لنڪ روڊ مڪمل تباهه ، ڳوٺاڻا پريشان

ٺاروشاهه کان ڀورٽي ويندڙ لنڪ روڊ تباهه                               

Top Stories

جي ڊي اي اڳواڻ فقير سڪندر علي شر جون مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڀرپور موٽ

  ٺري ميرواهه  ( رپورٽر ) ٺري ميرواهه جي يوسي غلام حيدر گودڙيا تي   مڪاني چونڊن ۾ يوسي چيئرمين لاءِ نامزد جي ڊي اي اڳوا...

Local News