Sunday, July 19, 2020

درٻيلو ڀرسان پيار پرڻي تان ڀاءُ هٿان ڀيڻ گوليون هڻي سخت زخمي ، اسپتال منتقل

ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ لعل بخش ڪلو ۾ هڪ سال اڳ پيار پرڻو ڪندڙ ناري عابدا ڪلو کي سندس ڀاءُ گلزار ڪلو پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو جڏهن ته ناري کي زخمي حالت ۾ درٻيلو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سميت عملو غائب هجڻ تي زخمي هڪ ڪلاڪ تائين تڙبندي رهي فرسٽ ايڊ نه ملڻ سبب کيس نوشهروفيروز اسپتال آندو ويو جتي ناري جورت وهڻ سبب سندس اٺ مهينن جو حمل ذايع ٿي ويو جڏهن ته کيس مرڻينگ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي بعد جوابدار گهر کالي ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته زخمي ناري جي مڙس نديم ڪلو وارث احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي سئوٽ عابدا سان هڪ سال اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن تي سندس مائٽ ڪاوڙيل هئا جنهن جو فيصلو ٿيڻ بعد آءُ ڳوٺ آيل هئس فيصلي ۾ پيل 5 لک ڏنڊ جي رقم ڏيڻ باوجود گهرواري جي ڀاءُ گهر تي حملو ڪري پنهنجي ڀيڻ مٿان سڌا فائر زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو مان گهر ۾ موجود نه هجڻ سبب محفوظ رهيس هن چيو ته گهر واري کي زخمي حالت ۾ دربيلو اسپتال آندو جٿي ليڊي ڊاڪٽرياڻي سميت ڪوبه عملو موجود نه هو جنهن سبب کيس فرسٽ ايڊ نه ملي سگهي زخمي حالت ۾ نوشهروفيروز کڻي وياسين جٿي رت وهڻ سبب  سندس حمل ذايع ٿي ويو جنهن جو آپريشن ڪري ٻار ڪڊيو ويو بعد ۾ کيس نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي  هن روئيندي چيو ته ظالمن منهنجو گهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته درٻيلو چوڪي انچارج غلام عباس اڄڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي بعد جوابدار گهر کالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون کين جلد گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس وغير داخل نه ٿي سگهيو آهي


Saturday, July 18, 2020

ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات , موسم خوشگوار

ٺاروشاهه رهبر نيوز


ٺاروشاهه مڃٺ ڀورٽي دليپوٽا درٻيلو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو جاري آهي , برسات کانپوء موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي جڏهن ته گرمي جو زور پڻ ٽٽي ويو آهي برسات بب ڪيترن ئي تيار ٿيل فصل ميندي جوئر سارين جو ٻيجارو سميت ٻن فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو انديشو آهي جنهنڪري آبادگار سخت پريشان آهن 

ٺاروشاهه__ ڀورٽي ويندڙ لنڪ روڊ مڪمل تباهه ، ڳوٺاڻا پريشان

ٺاروشاهه کان ڀورٽي ويندڙ لنڪ روڊ تباهه                               

Friday, July 17, 2020

ٺاروشاهه ايس ڊي او ڀريا دالي مائينر جا واٽر ڪورس ڀڃرائي ڇڏيا





  ٺاروشاهه ڀرسان دالي مائينر جي مختلف تان واٽر ڪورس ٽٽل هئڻ ڪري پاڻي پڇڙي تائين نه پهچي سگهيو آهي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ملڻ ڪري سندن فصل سڪي سڙي تباهه ٿيڻ لڳا آهن ايس ڊي او آبپاشي ڀريا محمد سليمان ميمڻ ، سروير خليل وسطڙو ۽ داروگي بلاول لاکو پاران مبينا وڏن زميندارن کان رشوت عيوض هٿ سان واٽر ڪورس ڀڃرائي پاڻي زميندارن کي ڏيڻ ڪري پڇڙي جي واٽرن تائين پاڻي نه پهچي سگهيو آهي جنهنڪري آبادگار سخت پريشان آهن ان سلسلي ۾آبادگارن رضا محمد بيهڻ ، عابد سولنگي ، مير محمد چانڊيو ، سالار سولنگي ، ايوب سولنگي ڪاشف سيال ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ايس ڊي او آبپاشي ڀريا محمد سليمان ميمڻ ، سروير خليل وسطڙو ۽ داروگي بلاول لاکو پاران تر جي وڏن زميندارن کان رشوت وٺي دالي مائينر جا واٽر ڪورس ڀڃرائي پڇڙي جي آبادگارن سان وڏو ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته واٽر ڪورس ڀڳل هئڻ ۽ پاڻي چورائڻ ڪري پڇڙي تائين پاڻي نه پيو پهچي سگهي جنهنڪري اسانجا فصل سڪي تباهه ٿيڻ لڳا آهن جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون هنن چيو ته اسان اهڙيون شڪايتون آبپاشي علمدارن ۽ ٻين وس وارن کي ڪيون آهن پر ڪوبه نوٽيس نه وٺي رهيو آهي هنن سيڪريٽري آبپاشي ۽ انجنيئر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچائي پڇڙي جي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا .

Thursday, July 16, 2020

ٺاروشاهه ۾ بيواهه عورت جو پٽ سميت احتجاج



 
( ٺاروشاهه (ن رهبر 
ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ حڪيم وڳڻ واسڻ بيواھه عورت جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج بيواھ عورت بلڪيس وڳڻ پٽ سميت پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته منهنجي ڏير جي پٽن زمين ۽ ملڪيت تي قبضو ڪيو آھي هن چيو ته منهنجو مڙس ٻه سال اڳ فوت ٿي ويو هاڻي منهنجي مڙس جا ڀائٽيا ياسين موسي'  نظير  وزير وڳڻ منهنجي 24 جريب زمين ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري ويٺا آهن حق گهرڻ تان قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن چيو ته زمين تي قبضو ڪرڻ بعد هاڻي گهر تي قبضو  ڪري اسان کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهيون مون وس وارن کي دانهون ڏنيون آهن پر مونسان ڪوبه انصاف نه ڪيو ويو آهي هن چيوته قبضا خور مون کي ۽ منهنجي پٽ کي ماري زمين ڦٻائڻ چاهين ٿا هن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪندي چيو ته زمين تان قبضو هٽرائي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي نه ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

ٺاروشاهه ۾ نارين جو پيءُ جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

 
ٺاروشاهه جي وارڊ نمبر 8 واسي ٻه ناريون پيء جي مبينا طور ڏاڍاين خلاف ٿاڻي تي پهچي ويون پيء بدپيشو ڪرائڻ لاء مجبور ڪري ٿو منع ڪرڻ تي اڄ پيء سخت تشدد ڪيو آھي نارين جا الزام, 
  
, ڌيئرن کي فون تي ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ تي هنن الزام مڙھي مونکي گرفتار 
 
 ڪرايو آھي پيء,  
   

ٺاروشاھه جي وارڊ نمبر 8 جون رهواسي ٻه ڀينرون ريشما سولنگي ۽ ناهيد سولنگي ٺاروشاھه ٿاڻي تي پهچي پنهنجي پيء پرائمري استاد منظور سولنگي مٿان بد پيشو ڪرائڻ جو الزام مڙھيندي چيو آهي ته اسانجو پيء اسانکي ناجائز بدپيشو ڪرائيندو آھي جنهن تان بيزار ٿي پيء کي جواب ڏنو ته هوء مڇرجي پيو آھي ۽ اسانکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي جنهن سبب منهنجو مٿو فاٽي پيو آھي ۽ مجبور ٿي اڄ پيءُ خلاف ٿاڻي تي پهتيون آھيون ٿاڻي تي دانهيندي عورت ريشما سولنگي چيو ته منهنجي پيء منهنجا ٽي ٻار به پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آھن جيڪو ٻار به نٿو ڏئي هنن مطالبو ڪيو ته ظالم پيءُ کي ڪارروائي ڪري تحفظ راهم ڪيو وڃي جڏھن ته ٺاروشاھه پوليس ٻن ڀينرن جي فرياد تي پيء منظور سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته گرفتار ٿيل استاد منظور سولنگي ٻڌايو ته منهنجو ڌيئرون سڄو سڄو ڏينهن فون تي ڳالهائينديون آھن جنکي فون تي ڳالهائڻ کان منع ڪيو آهي ته هنن مون مٿان غلط الزام مڙھي مونکي گرفتار ڪرايو آھي جڏھن ته ايس ايڇ او ٺاروشاھه لونگ خان شر ٻڌايو ته نارين جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي آهي نارين جي پيء کي گرفتار ڪيو آھي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.

ٺاروشاهه ۾ فنڪارن جو احتجاج

ٺاروشاهه ۾ فنڪارن لاڪ ڊائون سبب بيروزگاري سبب  احتجاج ڪيو   

      بک ۽ بدحالي سبب پريشان آهيون پروگرام کوليا وڃن راڳي لياقت سولنگي

 
 
ٺاروشاهه ن رهبر نيوز

ٺاروشاھ ۾  ڪرونا سبب شادين تي پابندي سبب  فنڪار،گلوڪار، ڍولڪ نواز ۽ سنگ وڄائيندڙ سخت متاثر، فاڪاڪشي جو شڪار، روڊن تي ڳائي وڄائي پني انوکو احتجاج، فوري طور تي محفلن تان پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب  ٺاروشاھ ۾ ڪرونا سبب شادين ۽ محفلن تي پابندي هجڻ سبب فنڪار، گلوڪار، ڍولڪ نواز،سنگ وڄائيندڙن سميت ٻيا  سخت متاثر ٿي ويا جڏهن ته متاثر فنڪارن فنڪار لياقت سولنگي، باسط ٻٻر ۽ سندس ساٿي ڊولڪ نواز ببلو عباسي پرويز منڱڙھار ۽ ٻيا لاڪ ڊائون مان بيزار ٿي ساز سامان کڻي روڊن تي نڪري ڳائي وڄائي پني انوکو احتجاج ڪندي پريس ڪلب پهچي جٿي احتجاج ڪرڻ بعد راڳي لياقت سولنگي باسط ٻٻر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءِ لاءِ  لڳل لاڪ ڊائون جي ڪري سخت متاثر ٿيا آهيون هنن چيو ته اسان جو گذر صفر عوامي محفلن شادين ڪاڄن ميلن ملاکڙن جي تقريبن تي آھي جڏھن کان لاڪ ڊائون سبب اسان جو روزگار بند ٿيڻ تي گهرن ۾ فاڪا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون هنن چيو ته عيد ويجهو هجڻ باوجود  ٻچن لاءِ  ڪپڙا نه ڪو سامان وٺي سگهيا آھيون هنن چيو ته اسان فنڪارن جي حڪومت سنڌ مقامي چونڊيل نمائنده توڙي ڊي سي نوشهروفيروزسميت ٽائون جي چئرمين ڪنهن به ڪا به سار نه لڌي آهي بکن ڪاٽڻ سبب روڊن تي ڳائي خيرات وٺڻ تي مجبور بڻجي ويا آھيون هنن چيو ته لاڪ ڊائون ۾ ڪافي شوبن جي روزي روٽي جا ذريعا کوليا ويا آهن واحد اسان فنڪارن ڊيڪوريشن ايڪوسائونڊ وارن تي پابندي برقرار سمجھ کان ٻاهر آهي هنن سنڌ حڪومت ۽ سرنديء وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي محفلن موسيقي تان پابندي ختم ڪري  اسان غريب فنڪارن ۾ فهليل بيچني ختم  ڪري پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا. 

ٺاروشاهه ۾ پيرسن جو احتجاج

ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ فضل موٽمل جي رهواسي مسجد جي پيش امام پيرسن عبدالقيوم سيال پريس ڪلب ٺاروشاهه پهچي بااثرن خلاف  احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  بااثر عبدالجبار سيال مونکي بلاجواز تنگ ڪري ڀتو نه ڏيڻ تان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو ڌمڪيون پيو ڏئي هن چيو ته مان سرڪاري ملازم هيس رٽائر ٿيڻ کان پوء بااثر مختلف هربا استعمال ڪري پيسا گهري رهيو آهي ڌمڪين سبب مان سخت پريشان ۽ عدم تحفظ جو شڪار آھيان هن چيو ته بااثر پاران ملندڙ ڌمڪين جو ايس ايس پي نوشهروفيروز ڊي ايس پي ڀريا ۽ ايس ايڇ او ٺاروشاھ کي پڻ دانهون ڏنيون ۽ درخواستون ڪيون آهن پر بااثر خلاف ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي هن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر مٿان ڪيس داخل ڪري تحفظ فرهام ڪيو وڃي نه ته  ٻي صورت ۾  ٻچن سميت احتجاج ڪيو ويندو.


Top Stories

جي ڊي اي اڳواڻ فقير سڪندر علي شر جون مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڀرپور موٽ

  ٺري ميرواهه  ( رپورٽر ) ٺري ميرواهه جي يوسي غلام حيدر گودڙيا تي   مڪاني چونڊن ۾ يوسي چيئرمين لاءِ نامزد جي ڊي اي اڳوا...

Local News